بلڙي شاھه ڪريم ويجهو راند کيڏندڙ 2 معصوم ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت

بلڙي شاھ ڪريم (رپورٽ:  الطاف حسين رند( بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان جاڙاواھ لڳ ڳوٺ انور مگڻهار ۾ گهرن جي ڀرسان کڏن ۾ ٻيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا 6سالا عابد پٽ شڪيل مگڻهار ، 5 سالا منظور پٽ  الطاف مگڻهار راند ڪندي برساتي پاڻي سان ڀريل کڏن ۾  ڪري پيا انهن سان گڏ راند کيڏندڙ ٻين ٻارڙن جي رڙين تي سندس وارث پهچي کڏن مان  معصوم ٻارڙن کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي رول هليٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏهن مڙھه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.