تيز طوفاني برساتن ساريالي فصل کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڌڪي ڇڏيو

تحرير: عاجز انور لاشاري

سنڌ جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ آگسٽ واري مھيني ۾ لڳاتار پيل طوفاني برساتن رڳو زراعت کي ناھي ڌڪيو، پر ھن سال به ڳوٺاڻا اسڪول ھر سال جيان هڪ دفعو ٻيھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، جيتوڻيڪ شھرن ۾ ته انتظاميا شھر جا روڊ ۽ رستا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ڪليئر ڪرايا ته آھن پر بدقسمتي سان شھرن جي ارد گرد ويجھن ڳوٺن ۾ يونين ڪائونسل جي زمري ۾ ايندڙ فصل توڙي اسڪول، گھر ۽ گھٽيون برساتي پاڻي کان آجيون ناھن ٿي سگهيون، ان جو تازو مثال تلھار شھر جي ارد گرد جا ڳوٺ، يونين ڪائونسل يوسي حاجي اشرف ٿيٻو، پيرولاشاري، دڪو ڌٻھڙو، راڄوخاناڻي مين روڊ تي سھتا چانڊيه، ملاح برادري جا ماڻهو تمام گھڻا پريشان ۽ متاثر ٿي رھيا آھن، ھنن ڳوٺن جا متاثر اڳ جا زبون حال سرڪاري اسڪول اڄ به تعميراتي ڪم جا فقط منتظر ئي رھيا آھن، پر انهن جي اڏاوت نٿي ڪرائي وڃي.

ساريالي فصل جيڪو نسرڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو ھو، اھو تمام گھڻو رڳو متاثر ئي نه ٿيو آھي، پر ان جو چانور ڇڻي ويو ۽ هاڻي رڳو سارين جي ڏنڊي ئي وڃي بچي آهي، جن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ھن سال به آبادگارن سميت ھاري طبقو به وڏي تڪليفن کي منھن ڏيڻ تي ٻيھر مجبور ٿيندو، ٻئي پاسي اوڌر تي کنيل ٻج، يوريا، زرعي دوائون جيڪي ٻيڻ ٽيڻ واري اگھه تي وڪرو ٿيل آهن، ھڪ وڏي قرض ھڪ مرض جيئان آبادگار توڙي ھاري طبقي کي ڳڙڪائي ڇڏيندو.

سال 2011 واري برسات ۽ سال 2024 واري بدين ضلعي ۾ پيل برساتن فقط تباھيون ئي آنديون آهن، جن مان ٻاھر نڪرڻ آبادگار توڙي ھاري طبقي جي وس ۾ ئي ناهي، ھوڏانھن تعليمي درسگاھو پڻ بي يارو مددگار بڻيل آهن، جن ۾ اندر ۽ ٻاھر بيٺل پاڻي تمام گھڻيون بيماريون آڻي رھيو آھي، ڳوٺاڻا اسڪول توڙي گھٽيون مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن، جن مان فقط يونين ڪائونسل لکي ايٽ ميرواھ جي چيئرمين حاجي گل حسن لغاري ڏينهن رات ھڪ ڪري پاڻ پڻ ٻڏل جاين تي موجود رھي، پاڻي نيڪال ڪرائي ورتو آھي، جڏھن ته يونين ڪائونسل پيرولاشاري، يونين ڪائونسل سعيدپور، يونين حاجي اشرف ٿيٻو سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جا اسڪول، گھر ۽ گھٽيون مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن، جن جي واھر ۽ سار سنڀال سياسي ڀوتارن ناھي لڌي، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آهن.

اڪثر علائقن جا اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ ڪري اڃا تائين ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ٻارڙن جي تعليم جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي، اڃا تائين اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ به ڪو بندوبست ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري والدين ۽ معصوم شاگرد سخت پريشان حال آهن، جون، جولاءِ، آگسٽ جا 15 ڏينهن موڪل هجڻ ۽ وري برساتن ڪري آگسٽ جا پويان ڏينهن اسڪول هلي نه سگهيا ۽ هاڻي وري برساتي پاڻي اسڪولن ۾ بيهڻ ڪري گذريل چئن مهينن کان شاگردن جي تعليم شروع نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته فوري طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جي اسڪولن مان برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪري تعليم جي سلسلي کي شروع ڪرايو وڃي ته جيئن شاگردن جي  تعليم متاثر نه ٿئي، بدين ضلع کي آفت سٽيل قرار ڏئي آبادگارن جا ڍل آبيانا معاف ڪرائي هارين جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن هنن جيڪي قرض کڻي فصل لڳايو آهي، اهي قرض لاهي به سگهن ۽ پنهنجي گهر جو چلهو به ٻاري سگهن، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته بدين جا هاري ۽ آبادگار معاشي طور تي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.