ڪراچي ۾ 2 ٻارن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گارڊن ويسٽ جي رهائشي اپارٽمنٽ ويجهي ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪري پيا، علائقي واسين موجب، کوهه ۾ ڪرندڙن جي سڃاڻپ 8 ورهين جي نينگر بدر ۽ 12 سالن جو طلحه نالي سان ٿي آهي،  علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هڪ نوجوان به ٻارن کي بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿو ۽  ڦاسي پيو، اختيارين موجب حادثي واري جاءِ تي ريسڪيو اهلڪار موجود آهن ۽ کوهه ۾ ٻڏي ويلن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.