سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر بئراج ۽ گڊو بئراجن وٽ وچولي ننڍي ٻوڏ کانپوءِ پاڻي جا وھڪرا نارمل پوزيشن ۾ اچي ويا آھن جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي سطح لاڳيتو وڌڻ سبب مٿاھون وھڪرو 3 لک 37 ھزار 218 ڪيوسڪ ٿي وئي آھي جڏھن ته سمنڊ طرف پڻ 3لک35ھزار618ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي ھن وقت سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 1لک 82ھزار250ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1لک 70ھزار650ڪيوسڪ آھي. سکر بئراج وھڪرا معمول تي اچڻ کان پوءِ ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن۾ پاڻي جي فراھمي شروع ڪئي وئي آھي دادو ڪئنال۾ 1800ڪيوسڪ رائس ڪئنال ۾4400ڪيوسڪ، کيرٿر ڪئنال۾ 400ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي، ٻئي طرف ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب رائس ڪئنال جي فلٽر بلاڪس مٿان سلٽ وڌڻ سبب دڙا ٺھڻ جي نتيجي ۾ پاڻي کڻڻ واري ليول ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي جڏھن ته کاٻي پاسي کان نڪرندڙ روھڙي ڪئنال خيرپور فيڊر ايسٽ،ويسٽ اڃان تائين بند پيا آھن نارا ڪئنال۾ 5000ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 2لک 11ھزار 469ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1لک 97ھزار 386ڪيوسڪ آھي ٻئي طرف بلوچستان کان ايندڙ پاڻي سبب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ليول کان مٿي وھندڙ آھي ھن وقت منڇر ڍنڍ جي ليول117.1فوٽن تي پھتل آھي اڙل ھيڊل ريگيوليٽر 116.55فوٽن تي پھچي ويو آھن ھوڏانھن بلوچستان جي پھاڙن تي پيل بارشن جو پاڻي جھل مگسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙيندو قمبر شھداد ڪوٽ کان علاوه خير پور ناٿن شاھ ۽ ميھڙ طرف وڌي رھيو آھي. دادو ضلعي ۾ امڪاني ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آھي.جڏھن ته تربيلا ڊيم ڀرجڻ جي آخري سطح 1550فوٽن تي پھچي ويو آھي ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 1لک 84ھزار100ڪيوسڪ اخراج 1لک 83ھزار600ڪيوسڪ آھي.