ڪوئيٽا (يار محمد بروهي)بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو، سوين ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ڪوئيٽا-چمن هاءِ وي به ڪيترن ئي هنڌن تي ٻڏي ويو، ڪيترن ئي ضلعن ۾ موبائل فون، انٽرنيٽ بند ۽ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته برسات ۽ ٻوڏ سبب حادثن ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ 33 ٿي ويو آهي. سامونڊي طوفان اسني’ جا اثر بلوچستان جي مختلف علائقن تي پيا، طوفاني برساتن سبب زيارت، قلعه سيف الله، خضدار، لورالائي، جهل مگسي، سبي، جعفرآباد، نصيرآباد، لسبيلا ۽ بولان جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. صوبائي حڪومت قلات، زيارت، سهاب پور، لسبيلا، آواران، جعفرآباد، اوستا محمد، لورالائي ۽ چاغي کانپوءِ جهل مگسي کي به آفت سٽيل قرار ڏنو آهي. ٻوڏ سبب باغن ۽ فصلن کي نقصان پهتو آهي، چئني ضلعن ۾ ڪيترائي ڪلوميٽر روڊ، پلون ۽ ڪيترائي گهر ٻڏي ويا آهن.