عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ)  بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين  لاءِ هن وقت ماحول سازگار ناهي، 9 مئي  جو احتساب سئو سيڪڙو ٿيڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا محمد آصف چيو ته باني پي ٽي آءِ پاران معافي وٺڻ تائين معاملو حل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو. خواجا آصف چيو ته شهباز ڪيئي ڀيرا اسيمبلي فلور تي ڳالهين جي آڇ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته نواز شريف اجلاس ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻول جو ڪو ذڪر نه ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب اندر منصوبا ۽ مڪاني چونڊن جي ايجنڊا هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.