اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جولاءِ ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن جي انکن اکرن ۾ رڪارڊ گهٽتائي آئي، مهانگائي جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو آهي، عالمي مالياتي ادارن پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکرن جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي ڪم ڪري رهي آهي، حڪومت جي رائٽ سيزنگ پاليسي تي به تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي، مان ذاتي طور تي رائيٽ سائيزنگ واري عمل جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پئٽرول جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، عوام جي مسئلن جو احساس آهي. حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.