ڪي پي ۾تاريخ جي بدترين ڪرپشن ٿي رهي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور (م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي پوليس پوري پاڪستاني ۾ سڀني کان وڌيڪ مظلوم آهي، انهن جون پگهارون به گهٽ آهن، انهن وٽ ضرورت جون شيون به نه آهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ تاريخ جي بدترين ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، بنون، لکي، ڪوهاٽ جي صورتحال اها آهي جو حڪومت جي  ڪابه رٽ نه آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي جيڪو وفاداري جا فارم ڀري نٿو ڏئي انهي کي عهدي تان هٽايو ويندو آهي. 2008 کان اڳ جيڪا پختونخواهه جي صورتحال هئي اها ڪجهه ٻئي هئي ۽ هن وقت ڪجهه ٻئي آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن وفاقي حڪومت سنڀالي ته انهي وقت پختونخواهه بارود سان ڀريل هو، انهي وقت چيو ويندو هو ته سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو نٿا ڦڙڪائي سگهو، ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته اڄڪلهه ججن تي حملا ٿي رهيا آهن، انهي کان اڳ هڪ جج کي اغوا ڪيو ويو هو، هن وڌيڪ چيو ته ٽانڪ ۾ اچڻ وڃڻ به ڪافي مشڪل ٿي ويو آهي. 40 ڪلو ميٽر جو روڊ صوبائي حڪومت محفوظ نه ڪري سگهي آهي وڏي وزير جو ڳوٺ به ساڳئي رستي ۾ اچي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.