فوج سان ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ پي ٽي آءِ کان جيڪو پُڳو اهو ڪيو: رئوف حسن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان رئوف حسن چيو آهي اميد ۽ دعا آهي ته فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڊيڊ لاڪ وڌيڪ برقرار نه رهي، اسان جي پوزيشن سدائين اها رهي آهي ته اسان انهن سان انگيج ٿيڻ چاهيندا آهيون، فوج سان ڊيڊ لاڪ ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کان جيڪو پڳو اهو ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي رئوف حسن چيو ته اسان جا در انهن سان ڳالهين لاءِ کليل آهن، رياست جي مفاد لاءِ پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ڳالهيون ضروري آهن، پي ٽي آءِ کان جيڪو پڳو اهو ڪيو، فوج سان ڳالهه ٻولهه به آئين جي دائري ۾ رهي ٿيندي.
هن چيو ته سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪندا ته عدم استحڪام ختم ٿي ويندو، انفرادي سطح جا رابطا شايد ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار هوندا آهن.
سندس چوڻ هو عمران خان محمود اچڪزئي کي اجازت ڏني آهي ته هو سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿو، سياسي جماعتن سان گفتگو جا هاڪاري نتيجا نڪري سگهن ٿا هو بلڪل ڪوشش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.