شوبز ۾ اداڪارن کي مک ڪردار ڪيئن ملندو آهي؟ مومنا اقبال جو وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مومنا اقبال چيو آهي ته اسان وٽ شوبز ۾ ڪنهن به اداڪار يا اداڪارا جا انسٽاگرام فالوئر ڏسي انهن کي مرڪزي ڪردار ڏنو ويندو آهي.
مومنا اقبال جو هڪ پراڻو انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستاني ڊراما انڊسٽري ۾ مک ڪردار لاءِ اداڪارن کان ڪيترائي مطالبا ڪيا ويندا آهن.
هن چيو ته ماضي ۾ شوٽنگ سيٽ تي سوشل ميڊيا فالوئرز يا مقبوليت جي حوالي سان ڳالهيون نه ٿينديون هيون پر هاڻ شوٽنگ دوران اهي ڳالهيون ٿينديون آهن ته جنهن اداڪار يا اداڪارا جا فالوئر وڌيڪ هوندا ته ان کي مک ڪردار ڏنو ويندو.
اداڪارا انڪشاف ڪيو ته اڪثر هدايتڪار يا پروڊيوسر طرفان اهو به چيو ويندو آهي ته توهان کي ڪير ٿو سڃاڻي؟ توهان جا انسٽاگرام تي فالوئرز به گهٽ آهن.
مومنا اقبال چيو مان اهڙن هدايتڪارن ۽ پروڊيوسرن کان سوال ڪرڻ چاهينديس ته جيستائين توهان اداڪارن کي ڪم نه ڏيندئو ۽ اهي اسڪرين تي نظر نه ايندا ته کين ڪير سڃاڻيندو؟ اهي ڪيئن مقبول ٿيندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.