اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان قومي اسيمبلي اسپيڪر کي ڳالهين جو ناهي چيو، حڪومت سان سڌي ريت ڳالهين جو ڪو ارادو ناهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اپوزيشن طور اسان جون قومي اسيمبلي ميمبر سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، اسان جون ملاقاتون اوپن ۽ اسيمبلي معاملا هلائڻ يا اپوزيشن جي پارلياماني معاملن بابت هونديون آهن.
هن چيو ته اسان ڪڏهن ڪنهن ملاقات ۾ اسپيڪر کي ڳالهين جو نه چيو، نه وري اهڙو ارادو آهي، حڪومت سان سڌي ريت ڳالهيون نه ڪرڻ جي موقف تي قائم آهيون.
Next Post
You might also like