جھل مگسي به آفت سٽيل قرار، انگ 11 ٿي ويو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت جھل مگسي ضلعي کي ڊزاسٽر زون قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

رليف ڪمشنر بلوچستان ۽ ڊي جي پي ڊي ڊي ايم اي نوٽيفڪيشن جاري ڪري جهل مگسي ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جهل مگسي ضلعي ۾ گذريل ٽن برساتن جي اسپيلن سبب گهڻو نقصان ٿيو آهي.

ان واڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ آفت متاثر ضلعن جو انگ 11 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.