آءِ ٽي سکيا ڪورسن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه غربت جي خاتمي واري پروگرام تحت شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ آئي ٽي جي 9 شعبن ۾ سرٽيفڪيٽ پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني آهي.

وڏي وزير چيو ته پروگرام تحت سرٽيفڪيٽ هولڊرز کي صنعت جي ضرورتن مطابق عملي تربيت ڏني ويندي.

مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري آءِ ٽي نور سمون ۽ چيئرمين ايڇ اي سي پروفيسر طارق رفيع ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

سيڪريٽري آئي ٽي نور سمون سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن لاءِ آءِ ٽي ڪورسز ڪرائيندي.

مهراڻ يونيورسٽي حيدرآباد، ميرپورخاص ڊويزن ۽ شهيد بينظير آباد لاءِ ڪورس ڪرائيندي، جڏهن ته آءِ بي اي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ ڪورس ڪرائيندي.

شروعاتي طور تي 10 هزار نوجوانن کي تربيت ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، وڏي وزير مراد علي شاهه پروگرام لاءِ سنڌ جي آءِ ٽي کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪورسز ۾ جاوا، پٿون، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊيزائنر، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپر، موبائل ايپليڪيشن ڊولپر ۽ ڊيٽا سائنس سرٽيفڪيٽ شامل آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري آءِ ٽي نور احمد سمون ٻڌايو ته ڪورس جو مدو ٻه مهينا هوندو، هفتي ۾ پنج ڏينهن سومر کان جمعي تائين ڪلاس ٿيندا، هر گروپ ۾ 3 کان 35 شاگردن تي مشتمل هوندو.

پروگرام ٻن مرحلن تي ٻڌل هوندو، پهرين مرحلي ۾ آئي ٽي سرٽيفڪيشن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ هوشيار شاگردن کي همٿايو ويندو، مراعتون ڏنيون وينديون، سرٽيفڪيٽ سڀني کي سينٽرن ۾ آمهون سامهون ڏنا ويندا.

اجلاس جي پڄاڻي تي آءِ ٽي سيڪريٽري سنڌ، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي، آءِ بي اي سکر ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.