ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مريم نفيس چيو آهي ته شادي ٿيڻ جي باوجود هوءَ اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان رابطو رکندي آهي ۽ اها ڳالهه سندس مڙس کي به خبر آهي.
مريم نفيس تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي صاف صاف ڳالهايو.
اداڪارا پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان دعا سلام ۽ دوستي جي معاملي تي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهايو ۽ اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ اداڪارا پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان لاڳاپن، دعا سلام ۽ پنهنجي ڪٽنب سان دوستي بابت ڳالهائيندي نظر اچي رهي آهي.
هن چيو ته هوء پنهنجي مڙس کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندي آهي ۽ ۽ شادي شده جوڙن وچ ۾ به حدون هجڻ گهرجن ته کين ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا ناهي ڪرڻو.
مريم نفيس موجب هوءَ پنهنجي مڙس کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي، ميزبان کانئس پڇيو ته ڪهڙيون شيون آهن؟
اداڪارا مرڪندي چيو ته هوءَ مڙس کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندي آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي ساٿي سان اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن رڳو گرل گرينڊ يا بواءِ فرينڊ سان ملاقات جون ڳالهيون شريڪ حيات کي نه ڪرڻ گهرجن ته ملاقات ۾ ڇا ٿيو.
وائرل وڊيو ۾ اداڪارا جو چوڻ آهي ته هوءَ اڃا تائين پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان دعا سلام ڪندي آهي جڏهن ته سندس ڀينرون سندس بهترين دوست آهن ۽ هو سندن گهر به ويندي آهي.
مريم نفيس واضح ڪيو ته هوءَ ۽ سندس اڳوڻو دوست هاڻي دوست نه رهيا آهن پر سندن وچ ۾ ڪو به جهيڙو يا اختلاف ناهي، هو صرف ملندا آهن ته هڪ ٻئي کي سلام ڪندا آهن.