اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آئين تحفظ موومينٽ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي مسلم ليگ (ن) طرفان ڳالهين جي آڇ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين کانسواءِ ملڪ کي اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو رستو ناهي جڏهن ته عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ جي اپوزيشن کي ڪا به اهميت ناهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي مسلم ليگ (ن) پاران ڳالهين جي آڇ جي تصديق ڪئي.
هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو اتحاد ٺهيو آهي جيڪو آئين جي بالادستي چاهي ٿو، جنهن ۾ بلوچ، پشتون، شيعه، سني سميت هر مڪتب فڪر جي نمائندگي موجود آهي جيڪڏهن سياستدان آئين جي بالادستي لاءِ متحد ٿي وڃن ته غير آئيني قوتون پوئتي هٽنديون.
هن چيو ته ملڪ ۾ 10 سالن تائين آئين برقرار رهيو ته ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو آرمي چيف جنرل عاصم منير به آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو.