اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر جو 50 سيڪڙو واپار گوادر پورٽ ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل ايندڙ مهيني پاڪستان اچي رهيو آهي.
آءِ ايم او ڪانفرنس پاڪستان جي ميري ٽائيم شعبي جي بهتري لاءِ اهم ثابت ٿيندي جڏهن ته شپنگ لائنن کي ريگيولر ڪرڻ جو پيپر جلد تيار ڪيو ويندو.
هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي ۽ روزگار لاءِ سرڪاري شعبي جو 50 سيڪڙو واپار گوادر بندرگاهه ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن ۾ 35 هزار ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن اها رقم بئنڪن ۾ رکي وڃي ته ساليانو 6500 ارب رپيا ڪمائي سگهجن ٿا، جيڪو موجوده قومي خساري جي برابر آهي.