ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪارساز ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ جي مارجڻ واري ڪيس ۾ عدالت جوابدار نتاشا کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڪراچي پوليس اڄ ئي جوابدار خلاف منشيات جي استعمال جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر ۾ ڪارساز حادثي جي نئين ڪيس ۾ جوابدار جي گرفتاري ۽ جاچ ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت جوابدار عورت کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏيندي سينيئر سپرنٽينڊنٽ ويمن جيل کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت حڪم ڏنو ته جاچ آفيسر محمد شاڪر کي جوابدار عورت کان سج لٿي کان اڳ جاچ جي اجازت آهي، ڊاڪٽر زينب ارشد جوابدار عورت جي حتمي ميڊيڪو ليگل رپورٽ جاري ڪئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ تصديق ٿي ته جوابدار عورت جي جسم ۾ آئيس هئي.
ميڊيڪل رپورٽ جي روشني ۾ جوابدار عورت خلاف نئون ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جاچ آفيسر کي جوابدار عورت کي گرفتار ڪرڻ ۽ جاچ جو مڪمل اختيار آهي.
جوابدار عورت پيءَ ۽ ڌيءَ کي مارجڻ جي ڪيس ۾ عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.