ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طوفان اسنيٰ ڪراچي کان 300 ڪلوميٽر وٿي تي هجڻ باوجود شهر ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان ڪراچي ۽ گوادر کان 300، 300 جڏهن ته اورماڙا کان 230 ڪلوميٽر وٿي تي آهي.
ڪراچي ۾ اڄ تيز هوائن سان وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
ياد رهي ته اڄ صبح به ڪراچي ۾ تيز برسات پئي هئي جنهن سبب پاڻي بيهجي ويو هو.