اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته مون کي ان ئي سيل ۾ بند ڪيو ويو هو جتي موصوف اڄ پاڻ آهي.
لاهور ۾ آءِ سي ايم اي جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته هڪ ليڊر منهنجو نالو وٺي مون کي ڌاڙيل چيو، مون کي ان ئي سيل ۾ بند ڪيو ويو هو جتي موصوف اڄ پاڻ آهي.
هن چيو ته اوهان جي سوچ اوهان کي آسمان تي کڻي وڃي سگهي ٿي، ڊس انفارميشن کي پهريون رسڪ قرار ڏنو ويو آهي، اڻ تصديق ٿيل اطلاعن ذريعي ملڪن کي تباهه ڪيو ويندو آهي.