راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرهين ڏينهن برسات سبب راند نه ٿي سگهي.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ صبح کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات ۽ آلي آئوٽ فيلڊ سبب راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پهرئين ڏينهن راند ممڪن نه ٿي سگهي، ميچ جو ٽاس به نه ٿيو.
برسات سبب اسٽيڊيم جي آئوٽ فيلڊ تي پاڻي جمع آهي ۽ پچ کي مڪمل طور ڍڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته 2 ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
You might also like