پاڪستاني اداڪارا ثمن انصاري چيو آهي ته منهنجي شادي لاءِ مسجد ۾ اعلان ڪرايو ويو هو ته ڇوڪري دستياب آهي، شادي جا خواهشمند رابطو ڪن.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ گفتگو ڪندي ثمن چيو ته مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا مان ڪينيڊا ويس ته اتي ناني چيو تنهنجي شادي ٿا ڪرايون، مسجد ۾ اعلان ڪرايو ويو ته ڇوڪري آيل آهي ۽ هوءَ پڙهي رهي آهي، شادي جا خواهشمند رابطو ڪن.
هن انڪشاف ڪيو ته اتي ڪميونٽي ۾ مسجدن ذريعي ئي رشتن جا اعلان ڪرايا ويندا هئا، ان وقت سوشل ميڊيا به نه هو، نه مون وٽ موبائل هئي.
سندس چوڻ هو ته وڏن جي مرضي سان مان ننڍي عمر ۾ شادي ڪئي، جيڪا 16 سال هلي، پوءِ طلاق ٿي وئي.
You might also like