ٺٽي جي سامونڊي ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ برسات جون تباهه ڪاريون، گهر پٽ،ماڻهو دربدر

ڌاٻيجي(رپورٽ: مقصود احمد جوکيو) ٺٽي ضلعي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ طوفاني برسات سبب ڪچا گهر ڪري ڊهي پٽ ٿي ويا. سارين جي فصل سميت ٻئي فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويا. آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي چوديواري پاڻي بيهڻ سبب تاريخي قلعن کي نقصان جو انديشو. جابلو پٽي جي ماڻھن جو نيون ڀرجي اچڻ سبب شهري علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو. ماروئڙا بي يارو مددگار بڻجي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جونءِ به نه سري. جنهن سبب ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. ضلعي ٺٽي جي پوئتي پيل ساحلي پٽي جي علائقن ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، ساڪرو، ليٽ، لڌيا، ٻوهارا، غلام الله، پير پٺو، ڄام برانچ ۽ مٺي نالي سميت ٻين علائقن ۾ تيز طوفاني برسات جي مسلسل وسڻ کانپوءِ سارين جو تيار فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو. ڪروڙن جو نقصان ٿيڻ سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. سون جي تعداد ۾ ڪکاوان گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.ٻھارا جي يوسي کڳاڻ ۾  طوفاني برساتن سبب ڳوٺ الھبخش ڪلوئي محمد بخش ڪلوئي ۽ ڪالا خان ڪلوئي ۾ 75 گھر ڪرڻ ۽ سبب  25 ماڻهوَ زخمي ٿيا هئا ضلعي انتظاميا بي گھر ٿيل ماڻهن لاءِ ڪو به رليف جو اعلان نه ڪيو ويو،جڏهن ته شهري علائقن شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ،بلال نگر ،ماڊل ٽاون ،غريب آباد مارڪيٽ ،ڌاٻيجي شهر سميت ٻين علائقن  ۾ گٽر نالا ابتا وھڻ لڳا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.