پاڪستان هاڪي ٽيم جا 3 رانديگر يورپ ۾ سلپ، تاحيات پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي ٽن رانديگرن ۽ فزيو مبينا طور يورپ وڃي سياسي پناهه جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
پي ايڇ ايف سيڪريٽري اولمپيئن راڻا مجاهد علي لاهور ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته قومي هاڪي ٽيم جا ٽي رانديگر ۽ فزيو ٽيم سان گڏ پولينڊ ويا ۽ ڏيهه نه وريا، اطلاع آهي ته انهن رانديگرن ٻاهرئين ملڪ سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏني آهي.
هن چيو ته ٽنهي رانديگرن کي ايشين چيمپيئنز ٽرافي جي تيارين لاءِ ڪئمپ ۾ دعوت ڏني وئي هئي، مرتضيٰ يعقوب، احتشام اسلم ۽ عبدالرحمان ٽئي رانديگر ٽيم سان گڏ هئا.
راڻا مجاهد علي چيو ته ٽنهي رانديگرن ليٽر لکي ڪئمپ ۾ اچڻ کان معذرت ڪئي، اطلاع موجب ٽئي رانديگر بنا اين او سي جي ٻاهرئين ملڪ ويا، تنهن ڪري ڪانگريس جي منظوري سان ٽنهي رانديگرن ۽ فزيو وقاص تي تاحيات پابندي لڳائي وئي آهي.
پي ايڇ ايف سيڪريٽري چيو ته اسان ان معاملي تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ گهرو وزارت کي خط لکنداسين، ٻاهرئين ملڪ ويندڙ رانديگر اذلان شاهه ڪپ کان اڳ ڪراچي جي ڪئمپ جو حصو هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.