اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٻن مهينن ۾ 245 ماڻهو فوت ٿي ويا.
اين ڊي ايم اي پهرين جولاءِ کان 27 آگسٽ تائين برساتن سان ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب پهرين جولاءِ کان 27 آگسٽ تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 245 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ 121 ٻار ۽ 48 عورتون به شامل آهن.
رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ 92 ماڻهو پنجاب ۾ فوت ٿيا، ان کانپوءِ خيبر پختونخواهه ۾ 74، سنڌ ۾ 47، بلوچستان ۾ 22، ڪشمير ۾ 6 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 ماڻهو فوت ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان دوران 446 ماڻهو زخمي به ٿيا، جن ۾ 158 مرد، 107 عورتون ۽ 181 ٻار شامل آهن، 1002 گهر مڪمل ۽ 3475 گهر جزوي طور تباهه ٿيا، 8 اسڪولن، 35 پلن کي به نقصان پهتو، 609 جانور به مري ويا.
You might also like