ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي صورتحال ڪڏهن بهتر ٿيندي؟ پي ٽي اي جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي جو بنيادي سبب ٻڌائي ڇڏيو.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ جي سستي جو بنيادي ڪارڻ 7 سب ميرين ڪيبلز مان 2 ۾ خرابي آهي.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سب ميرين ڪيبل اَي اَي اِي – 1 ۽ ايس ايم ڊبليو 4 ڪيبل ۾ خرابي آهي.
پي ٽي اي طرفان چيو ويو آهي ته ايس ايم ڊبليو 4 سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي آڪٽوبر جي منڍ تائين ٺيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.
پي ٽي اي موجب سب ميرين ڪيبل اَي اَي اِي -1 جي مرمت ڪئي وئي آهي، انٽرنيٽ جي صورتحال بهتر ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.