ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر يونس جي سربراهي ۾ قائم عبوري حڪومت جماعت اسلامي بنگلاديش ۽ ان جي شاگرد ونگ تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي.
حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جماعت اسلامي ۽ ان جي شاگرد تنظيم ڇاترو شبر خلاف دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.
نوٽيفڪيشن موجب جماعت اسلامي ۽ ان جي اسٽوڊنٽ ونگ تي پابندي جو حڪم رد ڪيو ويو آهي، جماعت اسلامي تان پابندي هٽائڻ جو فيصلو فوري طور لاڳو ٿيندو.
You might also like