ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگر پارڪر ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
ٿرپارڪر جي مختلف علائقن مٺي، ڇاڇري، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.
ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ننگر پارڪر ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران 200 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ٽن ڏينهن دوران مٺي ۾ به 150 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
You might also like