صنم شيٽي ڀارتي فلم انڊسٽري جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

چنائي (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري سان واڳيل اداڪارا صنم شيٽي ڪاسٽنگ ڪائوچ جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪيا آهن.
ڀارت ۾ هيما ڪميٽي جي رپورٽ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري فلم ۽ ٽي وي جي دنيا ۾ مي ٽو مهم جاري آهي، رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ اداڪارا صنم شيٽي به ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ بيان ۾ صنم شيٽي چيو ته رڳو مليالم ئي نه پر تامل فلم انڊسٽري ۾ عورتن کي هراسان ڪيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هوته هيما ڪميٽي رپورٽ جا تفصيل نٿي ڄاڻي پر ان رپورٽ تي سڀني کي هاڪاري رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، مان پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿي ته اوهان ” نه “ نٿا ڪري سگهو.
هن وڌيڪ چيو ته مان ڪاسٽنگ ڪائوچ خلاف آواز اُٿاري رهي آهيان، انڊسٽري ۾ عورتون ئي نه مرد به ڪاسٽنگ ڪائوچ جو شڪار ٿيندا آهن، فلمن ڪم حاصل ڪرڻ جو اِهو طريقو نه هئڻ گهرجي پر ٽيلينٽ کي موقعو ملڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.