قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 79 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 79 گوجرانوالا ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪري ورتي.
اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جي درخواست منظور ڪندي پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته رٽرننگ آفيسر ٻن ڏينهن ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪري فارم 49 جاري ڪري.
وڌيڪ چيو ويو ته ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ ڪامياب اميدوار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ڳڻپ جو اختيار ڏنو آهي.
حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر ڳڻپ ۾ رٽرننگ آفيسر رد ٿيل ووٽن جي به ڇنڊڇاڻ ڪري، ريٽرننگ آفيسر ڳڻپ ڪري ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.