ڪراچي (ويب ڊيسڪ )صوبائي تعليم کاتي طرفان سرڪاري اسڪولن مان غير حاضر ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي تعليم کاتي غير حاضر استادن جي حتمي لسٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو وو آهي ته سمورن ضلعن، تعلقن جي ايجوڪيشن آفيسرن کي ٻن ڏينهن اندر حتمي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته غير حاضر ملازمن وارننگ باوجود لاڳاپيل آفيسرن سان رابطو نه ڪيو، ايف آءِ اي اوورسيز ملازمن جي ڊيٽا تعليم کاتي کي ڏني هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان غير حاضر استاد ۽ ملازم گهرن ۾ ويهي پگهارون کڻي رهيا هئا، تعليم کاتي جي مانيٽرنگ سيل ۽ ايف آءِ اي جي مدد سان غير حاضر ملازمن جو پتو لڳايو ويو آهي.