اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ايندڙ هفتي اهم قانون سازي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي ججن جي انگ ۾ واڌ پرائيوٽ ممبر بل ذريعي ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل بل تحت سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ 1997 واري ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي.
حڪومت طرفان سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 مان وڌائي 23 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ان تجويز تحت سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ چيف جسٽس کانسواءِ ٻين 22 ججن تي ٻڌل هوندو.
ڄاڻايل بل ايندڙ هفتي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪمران پارٽي مسلم ليگ نون جو اسيمبلي ميمبر بئريسٽر دانيال چوڌري بل پيش ڪندو.