راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ٻي ٽيسٽ ۾ شاگردن لاءِ اسٽيڊيم ۾ مفت داخلا جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي موجب، اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ شاگردن کي تعليمي اداري جو ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو، شاگرد ڪنهن به وي آءِ پي يا پريميم انڪلوزر ۾ ويهي ميچ ڏسي سگهندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، شاگردن لاءِ مفت داخلا واري پاليسي پي سي بي گيلري يا پلاٽينم باڪس ۾ لاڳو نه هوندي.
واضح رهي ته راولپنڊي ۾ ٻي ٽيسٽ 30 آگسٽ کان 3 سپٽيمبر تائين کيڏي ويندي، راولپنڊي ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش هٿان قومي ٽيم کي ڏهن وڪيٽن تان تاريخي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
You might also like