لنڊن (ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ڪيون پيٽرسن راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي بنگلاديش هٿان ڏهن وڪيٽن تان شڪست تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو سوال اُٿاريو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيون پيٽرسن تبصرو ڪندي چيو ته ” پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جڏهن مان پي ايس ايل کيڏي تڏهن ليگ جو معيار انتهائي شاندار هيو.“
هن چيو ته ”رانديگرن جي ڪم ڪرڻ جو انداز بهترين هو ۽ نوجوان صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا هئا، هاڻي اتي ڇا ٿي رهيو آهي؟“
ياد رهي ته راولپنڊي ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش قومي ٽيم کي ڏهن وڪيٽن تان عبرتناڪ شڪست ڏني هئي.
You might also like