شاهين پٽ سان گڏ تصوير شيئر ڪندي سندس نالو به ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پٽ جي تصوير گڏوگڏ گهرواري انشا آفريدي لاءِ خوبصورت پيغام شيئر ڪيو آهي.
شاهين آفريدي جي گهرواري انشا آفريدي جي 24 آگسٽ تي پٽ کي جنم ڏنو هو.
قومي فاسٽ بالر شاهين انسٽاگرام تي گهرواري ۽ پٽ سان گڏ پنهنجي هٿ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ ان سان گڏ هڪ ڊگهو ڪيپشن پڻ لکيو.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ” ان لمحي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو، هو دلي طور تمام گهڻو خوش ۽ مڪمل آهي، سندس زندگي بهتر ٿي وئي آهي، 24 آگسٽ 2024 جي تاريخ سندس لاءِ سدائين خاص رهندي.“
فاسٽ بالر پنهنجي ڪپشن ۾ پٽ جو نالو ”عليار آفريدي“ ڄاڻايو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس دنيا ۾ اچڻ تي ڀليڪار چيو آهي.
ڪرڪيٽر گهرواري انشا لاءِ لکيو ته ” هو پنهنجي گهرواري جو ٿورائتو رهندو، ان سمورين تڪليفن لاءِ جيڪي هن برادشت ڪيو، هوءَ اسان جي ننڍڙي ڪٽنب جي سپورٽ سسٽم آهي.“
ان کانسواءِ شاهين دعائن جي درخواست ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جا ٿورا پڻ مڃيا.
واضح رهي ته پنڊي ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ شاهين آفريدي پٽ سان ملڻ لاءِ فوري طور ڪراچي روانو ٿي ويو هو، هو سڀاڻي اسلام آباد ۾ قومي اسڪواڊ کي ٻيهر جوائن ڪندو، گرن شرٽس جو سڀاڻي آپشنل ٽريننگ سيشن شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.