حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پارٽي جا وڏا عهدا پنجاب کي ملڻ باوجود پنجاب ۾ پارٽي جو وجود ختم ٿي رهيو آهي, هاڻوڪين عام چونڊن ۾ پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور مان هارائي ويو, پر پنجاب جي ڪنهن به اڳواڻ ان شڪست جي ذميواري قبول ڪري استعيفيٰ نه ڏني, پيپلزپارٽي جو بنياد لاهور ۾ پيو, پر ان جي اوسر هالا ۾ ٿي, پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، اها پارٽي اسان جي آهي, جيڪڏهن پارٽي پوري ملڪ مان به ختم ٿي وڃي ته به اها هالا ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ زندهه رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد ۾ مخدوم هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم جميل الزمان چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ اسان جو مقابلو عمران خان ۽ مريم نواز سان هوندو. عمران کي سندس پوئلڳ ديوتا سمجهن ٿا, جڏهن ته مريم نواز سان به ماڻهو بي پناهه محبت ڪن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ اسان جي جماعت ڪئين مقابلو ڪري سگهندي، اهو هڪ وڏو سوال آهي. هن چيو ته مون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خط لکيو آهي ته هو پارٽي جي صورتحال جاچڻ لاءِ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري، کيس سياسي ڏنڊو کڻڻو پوندو ٻي صورت ۾ پارٽي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويندي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پارٽي کي عوام ۾ مقبول جماعت بڻايو. هڪ دور اهڙو به آيو جو ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ لڳو ته جنرل ضياءَ پارٽي تي قبضو ڪري ويندو جو ان وقت وڏا وڏا اڳواڻ پارٽي کان ڌار ٿي ملڪ ڇڏي وڃي رهيا هئا. محترمه شهيد بينظير ڀٽو محنت ڪري پنهنجي والد جي برابر اچي بيٺي ۽ پارٽي کي سنڀاليو ان ڪري ئي نعرا لڳندا هئا ته ”چارون صوبون ڪي زنجير بينظير بينظير“. هن چيو ته 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ آصف علي زرداري به بهتر نموني سان پارٽي سنڀالي ۽ ملڪ جا سمورا وڏا انتظامي عهدا حاصل ڪري رڪارڊ جوڙيو, پر 2013ع کانپوءِ پارٽي پٺتي وڃڻ لڳي ۽ ان جي زوال جو سفر جاري آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ پنجاب مان پ پ کي ايم اين اي جون 3، 2018ع ۽ 2023ع ۾ ايم اين اي جون 7-7 سيٽون مليون. خبر نه آهي ته پنجاب جي قيادت ڪٿي آهي ان کي پارٽي جي اهڙي زوال بابت اسان کي سمجهائڻ گهرجي. هن چيو ته سردار لطيف کوسو، بابر اعواڻ ۽ عظميٰ گيلاني محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهو هئا پر اهي پارٽي ڇڏي هليا ويا. سينٽرل پنجاب مان هاڻي صرف راجا پرويز اشرف وٽ ايم اين اي جي سيٽ آهي جڏهن ته باقي سيٽون سرائڪي بيلٽ مان مليون. هن چيو ته اسيمبلي ۾ وڃون ٿا ته سڀ ڪو فارم 47 جي پيداوار جا طعنا ڏئي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري کي سينٽرل ڪميٽي جي فيصلي تحت لاهور مان بيهاريو ويو پر هو هارائي ويو. اسان سمجهيو پئي ته بلاول جي هارائڻ تي ڪا وڏي شخصيت استعيفيٰ ايندي پر ڪنهن به استعيفيٰ نه ڏني. هن چيو ته جنهن بلاول ڀٽو کي مشورو ڏئي لاهور ۾ بيهاريو ان کي ذميواري قبول ڪري استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته سٺا ماڻهو پيپلزپارٽي کي ڇڏي وڃي رهيا آهن. پنجاب ۾ پ پ ڄڻ ته ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته پارٽي جا وڏا وڏا عهدا پنجاب کي ڏنا ويا ته جيئن اتي مايوسي نه ڦهلجي پر نتيجا زيرو آهن. پنجاب ۾ اسان جي به مريدن جو وڏو انگ رهي ٿو اهي پنهنجا ڪم ڪار ڪنهن وٽ کڻي وڃن؟ هن چيو ته بلاول کي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس سڏائي اهو تعين ڪرڻ گهرجي ته پنجاب ۾ پارٽي جو اهو حشر ڇو ٿيو آهي. سنڌ ۾ ماڻهو پ پ کي ووٽ ڏين ٿا پر ڪي پي ۽ بلوچستان مان کٽڻ جي باوجود بلاول تيستائين وزيراعظم نه ٿي سگهندو جيستائين هو پنجاب مان سيٽون حاصل نه ڪري. هن چيو ته هي وقت آهي جو بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿي سگهي ٿو. هن کي وزيراعظم ٿي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فارم 47 جو هڪ دفعو تصفيو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، اها پارٽي اسان جي آهي. جيڪڏهن پارٽي پوري ملڪ مان به ختم ٿي وڃي ته به اها هالا ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ زندهه رهندي. آئون پارٽي جي ٽڪيٽ کانسواءِ به هالا مان چونڊون کٽي سگهان ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي قيادت کي پ پ جي ڪرپٽ هجڻ واري تاثر کي ختم ڪرڻ گهرجي. امن امان جي صورتحال بابت مون آءِ جي سنڌ کي خط لکيو آهي ۽ هاڻي اسيمبلي ۾ به ڳالهائيندس. ايم 6 موٽروي ٺاهڻ جو ڪو ارادو نظر نٿو اچي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي ان جي خاتمي لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن. مريم نواز کي شابس هجي جيڪا عورت ٿي پاڻ واقعي واري هنڌ وئي. هن چيو ته سنڌ جي پارٽي ليڊرشپ مصروف آهي ان ڪري منهنجي ڳالهين جو ڪو جواب نٿي ڏي. اها ليڊرشپ تڏهن جواب ڏيندي آهي جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي آهي. هن چيو ته پ پ ۾ ڊسيپلين نالي ڪا شيءَ نه آهي ان جو به بلاول ڀٽو کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جي عهدي جو فيصلو وزيراعظم يا صدر کي نه پر خود آرمي مان ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته آرمي اهڙن عهدن تي اهل ماڻهن بابت وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿي. هن چيو ته هو حاجي علي حسن زرداري جو نالو وٺڻ نٿو چاهي ته متان ڪٿي مٽياري تي ڪو نئون ڏمر نه ڪري.