عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي جي پارٽي تي قبضي جون خبرون غلط آهن: بئريسٽر سيف

پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئرسٽر سيف چيو آهي ته عليمه خان ۽ بشرا بي بي جي پارٽيءَ تي قبضي  واريون خبرون درست ناهن. وفاقي وزير عطا تارڙ جي بيان بابت ردعمل ۾ پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارٽي پي ٽي آءِ باني جي آهي ۽ هو پاڻ ئي سمورا معاملا ڏسي رهيو آهي. نااهل حڪومت بشرا بي بي ۽ عليمه خان بابت ڪوڙي پروپئگنڊا ڪري رهي آهي، اختلاف شريف خاندان ۾ آهن، جنهن مان عطا تارڙ پاڻ مزو وٺي رهيو آهي.

هن چيو ته شهباز ۽ نواز گروپ جي ويڙهه ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو، ٻئي گروپ پارٽي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.