اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ۾ اندروني اختلافن جي خاتمي لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
ذريعن موجب اڳوڻي صدر عارف علوي کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، هو هڪ هفتي ۾ تجويزون ڏيندو، اڳوڻو صدر اختلاف رکندڙ اڳواڻن سان ملاقات ڪري انهن جا خدشا به ٻڌندو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ ۾ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن.
You might also like