ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش هٿان ٽيسٽ ميچ ۾ پهريون ڀيرو شڪست تي اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ اڳوڻو گورنر محمد زبير پي سي بي چيئرمين تي ڏمرجي پيا.
پاڪستان کي تاريخي شڪست ڏيڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي ايڪس ذريعي هڪ پوسٽ تي مبارڪباد ڏني.
محسن نقوي جي ان پوسٽ تي فواد چوڌري کيس ٽرول ڪندي لکيو ته ”سر توهان جو ويزن آهي“.
محمد زبير به محسن نقوي تي تنقيد ڪندي چيو ته ان ڪارڪردگي تي منهنجي خيال ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين کي وڌيڪ ذميواريون ڏيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي.
You might also like