ڪنگنا رناوت جو آن لائن مواد جي سينسرشپ جو مطالبو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت عورتن جي تذليل کي ڏسندي آن لائن پليٽ فارمز جي مواد تي سينسرشپ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ڪنگنا رناوت او ٽي ٽي مواد جي وڌندڙ رجحان تي ڳالهائيندي چيو ته سينسرشپ وقت جي ضرورت آهي، اهي شوز عورتن جي تذليل ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن.
هن چيو ته مواد تمام گهڻو پرتشدد ۽ اعتراض جوڳو ٿي ويو آهي، ڀارت ۾ جيڪي ڪيس ٿي رهيا آهن، اهي سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن.
سندس چوڻ هو اسان کي ان حد تائين نه وڃڻ گهرجي جو مردن ۽ عورتن کي هڪجهڙو بڻائي ڇڏيون، محنت ڪرڻ، نرمي ڏيکارڻ، تحفظ جي خواهش کي ختم ڪري ڇڏيون، اسان جي ثقافت کي زهريلو نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.