اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت اهڙيون سموريون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي مئل ماڻهن جي نالي تي آهن يا ايڪسپائرڊ، رد ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي هلي رهيون آهن.
هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) نادرا جي ڊيٽا بيس تان حاصل ٿيل مواد جي بنياد تي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شخص سيل فون سم حاصل ڪئي هجي ۽ هاڻ لاڏاڻو ڪري ويو هجي ته اهڙين سمن کي 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ڪيو ويندو، سمون بلاڪ ڪرڻ جو عمل ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
پهرئين مرحلي ۾ اهي سمون بلاڪ ڪيون وينديون، جيڪي اهڙن سڃاڻپ ڪارڊن تي آهن، جيڪي جعلي آهن يا رد ٿيل آهن، ٻئي مرحلي ۾ اهي سمون بلاڪ ٿينديون، جن سان جڙيل سڃاڻپ ڪارڊن جو مدو ختم ٿي ويو آهي.
ٽئين مرحلي ۾ اهي سموريون سيل فون سمون بند ڪيون وينديون، جن جي رجسٽريشن ڪرائيندڙ هاڻ دنيا ۾ ناهن رهيا.
پي ٽي اي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن اهي ڪنهن سم کي پنهنجي نالي تي منتقل ڪرائڻ چاهين ٿا ته لاڳاپيل دستاويزن سان گڏ ڪنهن به فرنچائز يا سروس سينٽر تي پروسيسنگ ڪرائين ته جيئن انهن جون سمون بلاڪ ٿيڻ کان بچي سگهن.
You might also like