پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرن کي هيل تائين انساني دل، رڳن، ڦڦڙن ۽ ٻين حصن ۾ دريافت ڪيو ويو آهي.
پر هاڻ سائنسدانن انساني دماغ ۾ به پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرن کي دريافت ڪيو آهي.
آمريڪا جي نيو ميڪسيڪو يونيورسٽي جي ماهرن 2024 جي منڍ ۾ گڏ ڪيل انساني دماغ نمونن جي ڀيٽ 8 سال اڳ جي نمونن سان ڪئي.
هنن 2024 جي نمونن ۾ پراڻي نمونن جي ڀيٽ ۾ پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرن جي وڌيڪ مقدار کي دريافت ڪيو.
محققن ٻڌايو ته 2016 جي ڀيٽ ۾ 2024 جي انساني دماغي نمونن ۾ پلاسٽڪ جي ذرن جو مقدار 50 سيڪڙو وڌيڪ هو.
هنن چيو ان جو مطلب آهي ته موجوده دور ۾ 99.5 سيڪڙو حصو ته دماغ جو هوندو آهي، جڏهن ته باقي پلاسٽڪ تي ٻڌل هوندو آهي.
اڃا اهو واضح ناهي ته انساني جسم اندر پلاسٽڪ جي ننڍڙن ذرن سان صحت تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا پر ليبارٽري تجربن ۾ ثابت ٿيو ته انهن ذرن سان انساني خلين کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like