اي آءِ جو هڪ ٻيو ڪارنامو، يوٽيوب ۾ هيڪ اڪائونٽ واپس ملي ويندو

يوٽيوب اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل اهڙو ڊجيٽل اسسٽنٽ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو واهپيدارن کي هيڪرن جو هدف بڻجندڙ اڪائونٽ واپس حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
گوگل سپورٽ پيج ان کي ٽربل شوٽنگ ٽول قرار ڏنو آهي.
ان چيٽ بوٽ تائين پهچ يوٽيوب هيلپ سينٽر ذريعي ممڪن ٿيندي ۽ ان طرفان هيڪ ٿيندڙ اڪائونٽن جي مالڪن کان مختلف سوال پڇيا ويندا ته جيئن اهي پنهنجي يوٽيوب چئنلز ۾ ڪئي ويندڙ تبديلين کي ريورس ڪري سگهن.
اهو اي آءِ اسسٽنٽ في الحال انگريزي ٻولي ۾ دستياب آهي ۽ محدود واهپيدارن کي ان تائين پهچ حاصل آهي.
پر گوگل ٻڌايو ته هوريان هوريان ان فيچر کي سڀني يوٽيوب واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ان کان اڳ يوٽيوب اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ تي ان جي واپسي تقريبن ناممڪن هوندي هئي يا واري وڏو انتظار ڪرڻو پوندو هو پر اي آءِ چيٽ بوٽ اڪائونٽ ريڪور ڪرڻ سان گڏ ان جي سيڪيورٽي کي به مضبوط بڻائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.