اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي حڪومت پاڪستان جي دعوت نامي تي اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو، نريندر مودي جي جاءِ تي ڪنهن ڀارتي وزير کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ موڪلڻ جو امڪان آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اڃا اهو واضح ناهي ته ڪانفرنس ۾ ڪهڙي اڳواڻ کي ورچوئلي ڳالهائڻ جي اجازت هوندي.
شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس هن سال 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ ٿيندو، چيئرمين شپ هن ڀيري پاڪستان وٽ آهي.
واضح رهي ته آخري ڀيرو 2015 ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو هو.
Prev Post
You might also like