پئرس (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ عالمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽيلي گرام جي باني ۽ سي اي او پاول دورو کي فرانس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
فرانسيسي ميڊيا موجب پاول دورو آزربائيجان کان پنهنجي نجي جهاز ذريعي پئرس پهتو هو، جتي کيس گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 39 ورهين جو پاول دورو روس ۽ فرانس ٻنهي ملڪن جي شهريت رکي ٿو، مٿس قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين عدم سهڪار، منشيات جي سمگلنگ ۽ دوکيبازي ۾ ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ٽيلي گرام جي سي اي او تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
پاول دورو روس ۾ ڄائو هو پر پنهنجو سوشل ميڊيا پليٽ فارم بند ڪرڻ بابت مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪندي هن 2014 ۾ روس ڇڏي ڏنو هو.
واضح رهي ته ٽيلي گرام روس، يوڪرين ۾ تمام گهڻو مقبول آهي.
You might also like