پريانڪا چوپڙا جي ”هار“ جو مُلهه ڄاڻي مداحن کي ڏندين آڱريون اچي ويون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سميت هالي ووڊ ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ مقبول اداڪارا پريانڪا چوپڙا جو پنهنجي ڀاءُ جي شادي تقريب ۾ پاتل هار ۽ بريسليٽ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا چوپڙا اڄڪلهه پنهنجي ڀاءُ سڌارٿ چوپڙا جي شادي جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ممبئي ۾ موجود آهي.
تازو پريانڪا چوپڙا جي گهر ڀاتين پنهنجي پٽ سڌارٿ جي شادي جو مشن ملهائڻ لاءِ ممبئي ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ اداڪارا مشهور ڊزائينر منيش ملهوترا جي تيار ڪيل ساڙي پاتي.
پريانڪا ان وقت سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻي، جڏهن مهمانن جي نظر سندس ڪروڙن جي هار ۽ بريسليٽ تي پئي.
ڀارتي ميڊيا موجب بلگاري جي عالمي سفير هجڻ جي حيثيت سان پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڀاءُ جي شادي جي تقريب ۾ بلگاري جو 8 ڪروڙ ڀارتي رپين جي ماليت جو ڊائمنڊ هار پاتو.
هن تقريب ۾ موجود ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڊائمنڊ بريسليٽ به پاتو، جنهن جي قيمت 31 لک 93 هزار 311 ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.