ڪمانڊر جي قتل جو پلاند، حزب الله جو اسرائيل تي سوين راڪيٽن ۽ ڊرونز سان حملو

بيروت (ويب ڊيسڪ) حزب الله اسرائيل تي سوين راڪيٽن ۽ ڊرونز سان حملو ڪري ڏنو، جنهن کانپوءِ اسرائيل ٻه ڏينهن هنگامي صورتحال جو اعلان ڪندي شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حزب الله پنهنجي سربراهه حسن نصرالله جي ويجهي ساٿي ۽ سينيئر ڪمانڊر فواد شڪر جي شهادت جو پلاند وٺڻ لاءِ اسرائيل جي اوڀر علائقي ۾ 320 راڪيٽن ۽ 100 کان وڌيڪ ڌماڪيدار ڊرونز سان حملو ڪيو.
حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيلي فوجي ملڪيتن ۽ دفاعي نظام آئرن ڊوم کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو ۽ شهيد ڪمانڊر جو پلاند وٺڻ جي اها رڳو شروعات آهي.
اسرائيل ۾ ٻه ڏينهن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تل ابيب ايندڙ ۽ ويندڙ عالمي اڏامون معطل ڪيون ويون هيون، جنهن کي پوءِ بحال ڪيو ويو.
هوڏانهن اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته حملن جي جواب ۾ ايئر فورس جي 100 جنگي جهازن حزب الله جي راڪيٽ لانچر سائٽس تي حملو ڪري هزارين راڪيٽن کي اڏڻ کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته اسرائيل حزب الله جي سينيئر ڪمانڊر فواد شڪر کي بيروت ۾ 30 جولاءِ تي حملو ڪري شهيد ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.