راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بنگلاديش خلاف پنڊي ٽيسٽ ۾ شڪست جو ذميوار پِچ کي قرار ڏئي ڇڏيو.
بنگلاديش هٿان 10 وڪيٽن تان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شان مسعود چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان کي 3 فاسٽ بالرن ۽ هڪ اسپنر سان گڏ وڃڻو هو.
هن چيو ته شڪست جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، ٻي اننگز ۾ 117 رنسن جي ليڊ لاهڻ کانپوءِ اسان ڊرا جو سوچي رهيا هئاسين.
سندس چوڻ هو ته منهنجي خيال ۾ ٽيسٽ ميچ لاءِ هتان جي پچ مختلف هئي، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پنڊي جي وڪيٽ ائين نه هوندي هئي.
You might also like