راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش راولپنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي.
راولپنڊي ٽيسٽ جي آخري ڏينهن پاڪستان ٽيم ٻي اننگز ۾ رڳو 146 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان پنجين ڏينهن راند شروع ڪئي ته عبدالله شفيق 12 ۽ ڪپتان شان مسعود 9 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
شان مسعود گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ رڳو 5 رنسن جي واڌ کانپوءِ وڪيٽ وڃائي ويٺو، بابر اعظم 22، عبدالله شفيق 37، شاهين آفريدي 2، نسيم شاهه 3 رنسون ٺاهيون، سعود شڪيل، سلمان آغا ۽ محمد علي کاتو ئي نه کولي سگهيا.
محمد رضوان 51 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، پاڪستان بنگلاديش خلاف رڳو 29 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي.
بنگلاديش طرفان ٻي اننگز ۾ مهدي حسن 4، شڪيب الحسن 3، شورف السلام، ناهيد حسن ۽ حسن محمود هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
بنگال ٽائيگرز کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو 30 رنسن جو هدف مليو، جيڪو مهمان ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪري ورتو.
واضح رهي ته پاڪستان پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 448 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي هئي، جڏهن ته بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 565 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like