موسميات جاگرافيائي سائنس سان گنڍيل ماحولياتي سائنس جي اھا شاخ آھي جنھن ۾ ڌرتيءَ جي ماحول اندر ٿيندڙ تبديلين جھڙوڪ طوفانن جو ٺھڻ، سامونڊي سطح ۾ واڌ، گرميءَ ۾ مستقل واڌ ۽ برسات جا نمونا انسانن، حيوانن ۽ جاندارن تي ڪيئن اثر انداز ٿين ٿا ان کي سائنسي ۽ تحقيقي عمل ذريعي ظاھر ۽ چٽو ڪيو ويندو آھي.
عام طور تي اھو ٻڌايو ۽ سمجھايو ويندو آھي ته موسميات اندر ايندڙ تبديلي ھڪ فطري عمل آھي ۽ اسان کي ان تي صبر ڪرڻ گھرجي. پر حقيقت ڪجهه مختلف رھي آھي اصل ۾ ماحول ۾ ايندڙ تبديلي خدا جي طرفان ڏنل عذاب نه پر گرين ھائو گيسز جي ڪري ٺھندي آھي. انساني سرگرمين جي ڪري ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO2)، ميٿين (CH4) ۽ نائٽرس آڪسائيڊ (N2O) جھڙيون خطرناڪ گئسن جو تعداد وڌندو رھي ٿو جنھن جي ڪري ماحول ۾ مستقل گرميءَ جي درجه حرارت ۾ واڌ اچي رھي آھي. ھڪ ته گرين ھائوس گئسون گرميءَ جي شدت کي مٿي خلا جي طرف وڃڻ کان روڪينديون آھن انڪري گئسن جو اثر زمين تي وڌيڪ رھي ٿو ٻيو وري ته گرين ھائوس گئسون سج جي گرم شعاعن کي ناھن روڪي سگھنديون جنھنڪري سج جي گرمي ماحول جي گرمي پد سان ملي ويندي آھي ۽ نتيجي طور گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو آھي.
ھتي پاڻ کي اھا ڳالھه تسليم ڪرڻ گھرجي ته موسميات جي تبديلي ھن وقت ھڪ عالمي مسئلو ٿي اڀري رھي آھي پر ان جي باوجود ان کي ڪڏھن بي ملڪي سياسي منظرنامي اندر بحث ھيٺ ناھي رکيو ويو. جڏھن تي دنيا جي کوڙ سارن ملڪن موسمياتي جي تبديلي تي قانوني سازي ڪري ان کي ھڪڙي سبجيڪٽ طور اڀاري پنھنجي پنھنجي قومي سوال ۽ قومي وقار کي مضبوط ڪرڻ ڪوشش ڪيون آھن. ساڳي دؤر ۾ موسمياتي تبديلي اسان وٽ ملڪي سياست ۽ رياستي فريم ورڪ مٿان وڏو سوال آھي. ھڪڙي پاسي جرمن تحقيقي جرنل مطابق ته پاڪستان ھن وقت موسمياتي جي اثر هيٺ ايندڙ دنيا جو ستون ڪمزور ملڪ آھي. ٻئي پاسي 2020 جي گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس رپورٽ موجب پاڪستان سالياني گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ (GDP) اندر اٽڪل 0.53 فيصد معيشت جو نقصان کائي رھيو آھي ان سان گڏوگڏ 1999ع کان 2018ع تائين پاڪستان اندر 152 موسمي واقعا رپورٽ ڪيا ويا آھن جنھن جو ڪارڻ موسم اندر ايندڙ تبديلي آھي.
گذريل ٻن ٽن صدين دوران ٿيندڙ صنعتي ترقيءَ اوزون ۾ ھڪ اھڙو سوراخ پيدا ڪيو آھي جيڪو لڳ ڀڳ 29 ملين چورس ڪلوميٽر تائين پکڙيل آھي ۽ اھو سوراخ آھستي آھستي وڌي رھيو آھي جنھن ڪري اھو سوراخ سج مان پيدا ٿيندڙ الٽراويوليٽ شعاعن کي زمين تائين رسڻ ۾ مدد ڪري ٿو جيڪي سائنو بيڪٽريا کي تباھ ڪن ٿا. جنھن سبب فصلن جون پاڙن ڪمزور ٿي پون ٿيون نتيجي ۾ فصلن جي پيدار گھٽجي وڃي ٿي. موسمياتي تبديلي جي اثر ھيٺ زرعي پيداوار جي اڳڪٿي ڪندي انٽر گورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج (IPCC) اھو نتيجو اخذ ڪيو آھي ته 2030 تائين ايشيا جي ملڪن ۾ 10 فيصد تائين فصلن جي پيداوار گھٽجي ويندي جنھن سبب دنيا جا ڪيترا ئي پسمانده معاشرا غربت جو شڪار ٿيندا.
ايندڙ تبديليءَ ھيٺ ماڻھو رڳو غربت جو شڪار نه پر مختلف سماجن اندر ٻيا کوڙ سارا مسئلا پڻ ظاھر ٿيندا جيئن يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام پاران ھڪ رپورٽ ۾ ظاھر ڪيو ويو آھي ته صرف ايشيا جي ھڪڙي کنڊ ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري 2030ع تائين اٽڪل 1.8 بلين ماڻھو پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏيندا. ھڪ ٻي جاءِ تي وري ساڳئي اداري انٽر گورنمينٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج پڻ پنھنجي سالياني رپورٽ ۾ اھو به نتيجو ڪڍيو آھي ته ماحول اندر گرمي جي شدت ھر سال اٽڪل 1C کان 4C تائين وڌي ٿي. مختلف تجزين ۽ مشاھدن تي بيٺل انگن اکرن مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته جيڪڏھن اسان موسميات جي تبديلي جي شدت کي روڪڻ جي لاءِ ڪي متبادل حل يا اپاءَ نه ورتا ته گرميءَ جي مسلسل وڌندڙ شدت ايندڙ ڏھن سالن جي اندر ڌرتي انسانن جي رھڻ لائق نه ڇڏيندي.
ھن ھيڏي سياسي ۽ عالمي معيارن کي سامھون رکندي اھو چئي سگھي ٿو اسان وٽ ھن وقت تائين مستقبل لاءِ ڪو به متبادل ته ڇا پر عارضي حل به نظر نٿو اچي. پاڪستان جي پارليامينٽ ھن وقت تائين صرف ھڪڙي ڪلائيميٽ چينج جي پاليسي ڏئي سگھي آھي جنھن جو بنياد پڻ ماضي تي بيٺل آھي ان کان پوءِ اڄ ڏينھن تائين ڪا به قانوني ڪميٽي يا ڪميشن ناھي جوڙي وئي جيڪا علائقي جي موسميات واري سوال کي چڱيءَ طرح حل ڪري سگھي. اھو انساني ۽ قومي حقن جي تناظر ۾ رياست جي فريم ورڪ مٿان ھڪ وڏي سواليه نشان آھي. موسميات ۽ ماحوليات جي سوال اڳيان رياست جو مؤقف بلڪل ڌنڌلو، لتاڙيل ۽ غير قانوني رھيو آھي ان جو ذميوار ڪير آھي….؟ رياست موسمياتي سوال کي حل ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام بڻجي چڪي آھي…؟ موسمياتي کاتي لاءِ جوڙيل وفاقي وزارت جو مستقبل سان گڏوگڏ ھن وقت جي نازڪ صورتحال تي ڪھڙو ردعمل يا مؤقف آھي…؟ پاڪستاني رياست انساني، جھموري، سياسي، معاشي، آئيني، صنفي، موسمياتي ۽ تعليمي سوالن تي خاموش ڇو آھي…؟
ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته رياست جو موسميات ۽ ماحوليات سان گڏوگڏ انساني ۽ قومي سوالن تي چٽو موقف اچڻ گھرجي. مُني صديءَ جي سياسي ڌنڌي ۾ ويڙھيل ملڪ کي عوام سان رويا سڌا رکڻ گھرجن. وڌ کان وڌ ضرورت ان شي جي آھي ته موسمياتي جي تبديلين مٿان قانون سازي ڪري ماحول ۽ ان سان جڙيل جيوت کي محفوظ ڪيو وڃي.