لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري عليمه خان ۽ رئوف حسن جي واٽس ايپ چيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڀاڄائي ۽ نڻان ۾ پارٽي تي قبضي جي جنگ هلي رهي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته مذهب ڪارڊ، غداري ڪارڊ کانپوءِ پيش آهي مظلوميت ڪارڊ، هيءَ پارٽي ملڪ ۾ ڏڦيڙ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني مظلوم بڻجي عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، جيل مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن معافيون، ڪڏهن برطانوي وزيراعظم کي اپيلون ڪري رهيو آهي.
سندس موجب پي ٽي آءِ باني وزيراعظم هو ته مخالفن کي ڦاهي ڏيڻ جون فهرستون تيار ڪندو هو، اڄ ان جي پنهنجي زال ۽ ڀيڻ ان جي ڦاهي بابت پروپئگنڊا ڪري رهيون آهن.
You might also like